افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ کانپوءِ بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي وڌي آهي: بلاول

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ کان پوءِ بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي ۾ واڌ ٿي آهي، ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت به دهشتگرد گروهن جي مالي مدد کي لڪائي نٿو سگهي، ان معاملي کي عالمي سطح تي اٿاري رهيا آهيون، جڏهن ته افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ بعد بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي وڌي وئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان دفاعي معاهدي جو ڀليڪار ڪريان ٿو، ٻوڏ متاثرن جي مدد بابت سندس چوڻ هو ته ٻوڏ سبب پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ تاريخي نقصان ٿيو، وفاق تي تنقيد نٿو ڪريان پر درخواست ٿو ڪريان ته سيلاب متاثرن جي مدد لاءِ عالمي سطح تي ڳالهايو وڃي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پنجاب ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ٻوڏ متاثرن وٽ مدد نه پهچي رهي آهي، ڏکڻ پنجاب جي ماڻهن جو ڏوهه ڇا آهي؟ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي انهن جي مدد ڇو نٿي ڪئي پئي وڃي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.