صحت کاتي جا اڪثر اسٽور، فارميسيون، ڊسپينسريون بنا لائسنس هلڻ لڳيون

ڪراچي (سراج الدين امجدي) گرينڊ هيلٿ الائنس ۽ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي اپيل تي صحت کاتي سميت ٻين کاتن جي سرڪاري ملازمن جو احتجاج جاري رهيو. حڪومتي پارٽي جي تنظيم، پيپلز ڊاڪٽر فورم ڪراچي جي صدر ڊاڪٽر عاشق حسين شاهه، هيلٿ الائنس جي هڙتال کان  لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو. اهو دلچسپي جوڳو آهي ته پيپلز پيرا ميڊيڪل جي صوبائي اڳواڻ سليمان ميمڻ هيلٿ الائنس ۾ شامل ۽ اين آءِ سي ايڇ ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪرائيندڙ ۾ موجود هو. سنڌ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي قانون جي ابتڙ حڪومتي پارٽي وٽ آهي. سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ چيئرمين نثار احمد کهڙو حڪم ڏنو ته سنڌ ۾ بنا ڊرگ لائسنس هلندڙ سڀ ميڊيڪل اسٽور ۽ فارميسيون فوري طور تي سيل ڪيون وڃن ۽ ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن. اجلاس ۾ چيف ڊرگ انسپيڪٽر خاموشي اختيار ڪئي، کيس ٻڌائڻ گهربو هو ته ان حڪم تي عمل ٿيو ته تدريسي اسپتالن سميت ڪو به ميڊيڪل اسٽور سيل ٿيڻ کان بچي نه سگهندو ۽ عملدارن تي ڪيس ٿيندا. ذريعن موجب، صحت کاتي جا تقريبن سڀ سرڪاري ميڊيڪل اسٽور، فارميسيون، ڊسپينسريون ۽ سرڪاري وئير هائوس بنا قانوني لائسنس جي هلن پيا. حڪومت طرفان خريديل لڳ ڀڳ 95 سيڪڙو دوائون بنا ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري جي جاچ جي مريضن کي ڏنيون وڃن ٿيون، جڏهن ته اڪائونٽس آفيس (اي جي سنڌ) اهڙين دوائن جا بل به بنا رپورٽ جي پاس ڪري رهي آهي. ذريعن موجب شاهه ڀٽائي اسپتال لطيف آباد حيدرآباد دوائن جي شديد کوٽ جو شڪار آهي، ڊاڪٽرن جو رويو مريضن سان غير ذميواراڻو آهي، ۽ ڪرپشن معمول بڻيل آهي. مريضن کي دوائون اسپتال بدران مارڪيٽ مان مهانگي اگهن تي وٺڻيون پون ٿيون، جڏهن ته سرڪاري فارميسين تي ڪا به دوا دستياب نه آهي.

ڪراچي ۾ ڪانگو وائرس جو مريض فوت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪانگو وائرس ۾ مبتلا مريض دم ڏئي ڇڏيو، ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ ڪانگو  وائرس جو مريض فوت ٿي ويو، اسپتال جي انتظاميا موجب 28 ورهين جي مريض کي تيز بُخار ۽ پيٽ ۾ تڪليف سبب داخل ڪيو ويو هو، مريض کي ٻه ڏينهن اڳ جناح اسپتال آندو ويو هو، جتي علاج دوران سندس موت ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.