پشاور (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخوا ۾ انهن افغان پناهگيرن جي بيدخلي روڪي ڇڏي آهي، جن پاڪستاني شهري عورتن سان شادي ڪئي آهي ۽ جن جا ٻار به آهن، جسٽس وقار احمد ۽ جسٽس ڪامران حيات ميان خيل تي ٻڌل بئنچ ڪيترن ئي افغان شهري مردن کي پاڪستان مان ڪڍڻ کان روڪي ڇڏيو، هن وقت پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي درخواستون داخل ٿيل آهن جن ۾ افغان مردن جي شادي پاڪستاني عورتن سان ٿي آهي ۽ انهن جا ٻار به پيدا ٿيا آهن، انهن افغان شهرين پاڪستان اوريجن ڪارڊ (پي او سي) لاءِ درخواستون ڏنيون هيون، جيڪو نادرا جاري ڪري ٿو، فيصلي ۾ چيو ويو ته درخواست گذار جيستائين تائين پاڪستاني شهري جي خاندان جو حصو آهي، ان وقت تائين کيس ملڪ مان بيدخل نه ڪيو وڃي، جيستائين نادرا پي او سي بابت حتمي فيصلو نه ڪري، درخواست گذارن جي وڪيلن دليل ڏنو ته پاڪستاني آئين ۽ قانون تحت خاندان جي تحفظ ۽ تقدس کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي، ڇو ته پاڪستاني عورتن ۽ افغان مردن جي شاديءَ مان پيدا ٿيل ٻار پاڪستاني شهري آهن.