” هڪ ڏينهن منهنجا به ٻار هوندا“ سلمان خان شادي ڪندو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي دبنگ اسٽار سلمان خان پيءُ بڻجڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ”هڪ ڏينهن منهنجا ٻار ضرور هوندا ۽ جلد هوندا.“
ويجهڙ سلمان خان، عامر خان سان گڏ ٽاڪ شو ”ٽو مچ وِد ڪاجول اينڊ ٽوئنڪل کنا“ جا پهريان مهمان بڻيا، جتي ٻنهي پنهنجي نجي زندگي سميت مختلف موضوعن تي کُلي ڳالهايو.
شو دوران سلمان خان پنهنجي رومانوي رشتن تي روشني وڌي ۽ چيو ته ”ڪنهن به رشتي ۾ ڏار تڏهن پوندا آهن، جڏهن هڪ ساٿي ٻئي کان اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪري، اهڙين حالتن ۾ اختلاف پيدا ٿيندا آهن ۽ ٻنهي ڌرين ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌي ويندو آهي، تنهنڪري ٻنهي کي گهرجي ته هو هڪٻئي کان اڳتي نڪرڻ بدران گڏجي اڳتي وڌن.“
عامر خان جڏهن سلمان کان پڇيو ته سندس ماضيءَ جا لاڳاپا ڇو نه هليا؟ جنهن جي جواب دبنگ خان چيو ته ”يارَ رشتا جٽاءُ نه ڪري سگهيا، جيڪڏهن ان ۾ ڪنهن جو ڏوهه آهي ته اهو منهنجو آهي.“
شو دوران سلمان خان جلد ئي پيءُ بڻجڻ جي خواهش جو اظهار پڻ ڪيو ۽ چيو ته ”هڪ ڏينهن منهنجا ٻار ضرور هوندا ۽ جلد هوندا، پر ڪڏهن هوندا اهو ڏسئون ٿا.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.