ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي وومينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ باقي 3 ڏينهن، اٺ ٽيمن تي ٻڌل ميگا ايونٽ جا مقابلا ڀارت ۽ سريلنڪا کيڏيا ويندا
ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي وومينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جا مقابلا 30 سيپٽمبر کان ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ شروع ٿيندا
30 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ ميگا ايونٽ جو افتتاحي ميچ ڀارت ۽ سري لنڪا جي وچ ۾ گوهاٽي ۾ کيڏي ويندي.
نئين ممبئي ٻن گروپ ميچن جي ميزباني ڪندو، جن ۾ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ 23 آڪٽوبر ۽ 26 آڪٽوبر تي ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ مقابلا شيڊيول آهن.
ان کانسواءِ سريلنڪا بنگلاديش جي ميچ، جيڪا پهرين 20 آڪٽوبر تي ڪولمبو ۾ ٿيڻي هئي هاڻي اِها به نيو ممبئي منتقل ڪئي وئي آهي.
ورلڊ ڪپ جو ٻيو سيمي فائنل 30 آڪٽوبر تي ساڳئي گرائونڊ ۾ کيڏيو ويندو، جيڪڏهن پاڪستان سيمي فائنل لا ڪواليفاءِ نه ڪيو ته ٻيو سيمي فائنل 2 نومبر تي پڻ اتي ٿي سگهي ٿو.
ان کانسواءِ 11 آڪٽوبر واري سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي گوهاٽي مان ڪولمبو منتقل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 10 آڪٽوبر تي بنگلاديش ۽ نيوزيلينڊ واري ميچ وشاڪاپٽنم مان گوهاٽي شفٽ ڪئي وئي آهي.
اهڙي طرح 26 آڪٽوبر تي شيڊيول انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جو مقابلو هاڻي گوهاٽي بدران وشاڪاپٽنم ۾ ٿيندو.
رپورٽ موجب، جون آءِ سي سي ٽورنامينٽ جو شيڊيول جاري ڪيو هو ته بئنگلورو کي ميزبان شهرن ۾ شامل ڪيو ويو هو، جتي افتتاحي ميچ، 3 آڪٽوبر وارو سيمي فائنل ۽ 2 نومبر جو فائنل (جيڪڏهن پاڪستان ڪواليفاءِ نه ڪري) رٿيل هو.
ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، ڪرناٽڪ اسٽيٽ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن (ڪي ايس سي اَي) کي ايم چناسوامي اسٽيڊيم ۾ ميچن جي ميزباني لاءِ پوليس طرفان اين او سي نه ملڻ تي شيڊيول ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي.
واضح رهي ته هلندڙ سال چار جون تي رائل چئلينجرز بئنگلورو (آر سي بي ) جي آءِ پي ايل ٽائيٽل کٽڻ کانپوءِ جشن دوران ٿيل ڀاڄ جي نتيجي ۾ 11 ڪرڪيٽ شوقين فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا، جنهن کان پوءِ پوليس گرائونڊ جي ڪلئرنس ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
رپورٽ موجب، نئين ممبئي کان اڳ بي سي سي آءِ ترواننتپورم کي بئنگلورو جي متبادل وينيو طور غور هيٺ آندو، جيتوڻيڪ ڪيرالا ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن ميزباني لاءِ راضي ٿي وئي هئي، پر شهر مان ٻين وينيوز ڏانهن سڌي ريت اُڏامن جي کوٽ رڪاوٽ بڻي.
نئين شيڊيول تحت نيو ممبئي جو ڊي واءِ پٽيل اسٽيڊيم، بئنگلورو بدران وومين ون ڊي ورلڊ ڪپ جي چوٿين ڀارتي وينيو طور ميزباني ڪندو.
آءِ سي سي وومينز ون ڊي ورلڊ ڪپ شروع ٿيڻ ۾ باقي 3 ڏينهن، پاڪستان جون ميچون هائبرد ماڊل تحت سريلنڪا ۾ ٿينديون
You might also like