اڳوڻو برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر غزا ۾ عارضي جنگبندي کانپوءِ حڪومتي اٿارٽي جي قيادت ڪندو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) غزا عارضي جنگبندي کانپوءِ حڪومتي اٿارٽي جي قيادت اڳوڻو برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر ڪندو
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ٽوني بليئر کي حڪومتي اختيار ڏيڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن، وائيٽ هائوس به ان تجويز جي حمايت ڪئي آهي.
ٻئي پاسي ٽوني بليئر جي آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته جيڪڏهن غزا مان ماڻهو بي دخل ڪيا ويا ته هو اهڙي تجويز جي حمايت نه ڪندو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته غزا ۾ جنگ کانپوءِ گڏيل قومن سميت وچ اوڀر جي حمايت سان عبوري حڪومتي اٿارٽي قائم ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.