اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات جو پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات گرمجوشي ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿي.
پڌرائي موجب، وزيراعظم آمريڪي صدر کي امن جو علمبردار قرار ڏيندي چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ سڄي دنيا ۾ تڪرارن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم صدر ٽرمپ جي جرئتمنداڻي، بهادراڻي ۽ فيصلائتي قيادت جي واکاڻ ڪندي چيو ته آمريڪي صدر پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي ۾ سهولت فراهم ڪئي.
پڌرائي موجب، وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڏکڻ ايشيا ۾ وڏي تباهي کي ٽارڻ ۾ مدد فراهم ڪئي، وزيراعظم مسلم اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺڻ تي صدر ٽرمپ جا ٿورا مڃيا.
ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن ۾ بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان جي آءِ ٽي، توانائي ۽ معدنيات وارن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني.
ان کانسواءِ وزيراعظم شهباز شريف دهشتگردي خلاف ڪارروائين ۾ آمريڪي سهڪار وڌائڻ تي زور ڏنو ۽ صدر ٽرمپ طرفان پاڪستان جي ڪردار جي کليل حمايت تي ٿورا مڃيا ويا.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف صدر ٽرمپ کي دوري پاڪستان جي دعوت به ڏني.
وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي آمريڪي صدر سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي
You might also like