بگرام ايئربيس تي افغان حڪومت جو موقف جرئتمنداڻو آهي:اسدالله ڀٽو

ڪراچي (رپورٽر) افغان قونصل جنرل سيد عبدالجبار تخاري چيو آهي ته ٽي ٽي پي افغانستان ۽ پاڪستان ٻنهي جي حق ۾ بھتر ناهي. اسان بار بار چيو آهي ته مار ڌاڙ بدران سياسي اڳواڻن ۽ عالم سڳورن کي گڏجي ويهڻ گهرجي آمريڪا هڪ سازش تحت پڻ پنهنجا هٿيار ۽ گولا بارود ڇڏي ويو ته جيئن اهي ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن، پر اميرالمومنين جي عام معافي جي اعلان کان پوءِ، سڀني پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ اها سازش به ناڪام ٿي وئي. اڄ افغانستان امن ۽ ترقي ڏانهن وڌي رهيو آهي. اھڙن خيالن جو اظهار ھن افغان قونصليٽ ڪراچي ۾ ملي يڪجهتي ڪائونسل سنڌ جي صدر اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو جي اڳواڻي ۾  ملاقات ڪندڙ هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو.وفد ۾ ڪائونسل جا ٻيا عهديدار علامه قاضي احمد نوراني، مسلم پرويز، محمد حسين محنتي، علامه عقيل انجم قادري، مولانا عبدالقدوس احمداڻي ۽ مجاهد چنا شامل هئا. مولانا اسدالله ڀٽو چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي ترقي ۽ امن هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. آمريڪي صدر ٽرمپ جو بگرام ايئر بيس آمريڪا جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ۽ ائين نه ڪرڻ تي سنگين نتيجن جي ڌمڪي قابل مذمت ۽ سندس ناپاڪ ارادن جو اظهار آهي. امريڪا کي  بگرام ايئر بيس  نه ڏيڻ جي کتي جواب ڏيڻ وارو افغان حڪومت  جو جرئتمندانه فيصلو قابل تعريف آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.