سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي:وسند ٿري

لاڙڪاڻو (پ ر) عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جو اجلاس ضلعي صدر علي حسن وڪو جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻي ۾ ٿيو جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 29 آڪٽوبر کان ٻه نومبر تائين لاڙڪاڻي ۾ ٽن ڏينهن جو تعليمي تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويندو ۽ ڌاڙيل راڄ، امڪاني ستاويهن ترميم، پيڪا ايڪٽ، اينٽي ٽيررازم اميڊمينٽ ايڪٽ ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ اميڊمينٽ ايڪٽ 2023ع سميت سمورن ڪارن قانونن ۽ سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضن خلاف 21 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪئي ويندي. اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته ڌاڙيل راڄ سنڌ جي سماج، معيشت ۽ تعليم کي تباهه ڪري رهيو آهي. 27هين ترميم ذريعي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي. هن چيو ته 28 سيپٽمبر تي ڪنڌڪوٽ ۾ پڻ ريلي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.