آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ۽ ايڪشن ڪميٽي وچ ۾ ڳالهيون ناڪام، ڊيڊ لاڪ برقرار

مظفرآباد(عوامي آواز نيوز)آزاد ڪشمير جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي ۽ وفاقي وزيرن وچ ۾ ڳالهيون هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام ٿي /ويون آهن۔ ڳالهيون ارڙهن ڪلاڪ ۽ ٽي دورن تي ٻڌل رهيون پر ڪا به پيش رفت نه ٿي سگهي۔ ڳالهين ۾ وفاق جي نمائندگي وفاقي وزير امير مقام ۽ طارق فضل چوڌري ڪئي جڏهن⁠ ته آزاد ڪشمير جا وزير فيصل راٺور، ديوان علي چغتائي سميت ٻيا اڳواڻ شامل ٿيا۔ ايڪشن ڪميٽي طرفان ڪور ڪميٽي جا نَو ميمبر ڳالهين ۾ حصو ورتو۔ ڳالهين جي ناڪاميءَ تي ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ نعريبازي ڪئي ۽ وفاقي وزيرن تي مطالبا تسليم نه ڪرڻ جو الزام هنيو۔ ايڪشن ڪميٽي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته حڪمرانن جي مراعتن ۽ مهاجرن جي سيٽن تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي ۽ حڪومت عوامي مطالبن کي سنجيدگيءَ سان نه ورتوهوڏانهن مسلم ليگ ن طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آزاد ڪشمير ايڪشن ڪميٽي پهرين 12 ۽ پوءِ 50 مطالبا پيش ڪيا جن مان وفاقي حڪومت ۽ آزاد ڪشمير حڪومت تي ٻڌل ڪميٽي 48 مطالبا تسليم ڪري ورتامسلم ليگ ن موجب ايڪشن ڪميٽي هاڻي پنهنجي مرضيءَ سان فيصلو ڪرڻ ٿي چاهي ته ڪير ڪشميري آهي ۽ ڪير نه ۽ اهي مهاجرن کي ڪشميري تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن، حالانڪه سڀ ڄاڻن ٿا ته ڪشميري ڀائرن جا گهر، ڪاروبار ۽ روزگار پاڪستان جي مختلف صوبن ۾ موجود آهن۔ بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڪشميري ڀائرن کي جاءِ، زمين ۽ گهر ڏنا پر اڄ ڪي ماڻهو دشمن کان ڪجهه سڪن عيوض ڪشمير جا مالڪ بڻجڻ جا دعويدار بڻيا ويٺا آهن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.