اڳوڻي فرانسيسي صدر نڪولس سرڪوزي کي 5 سال قيد جي سزا

پيرس (ويب ڊيسڪ) پيرس جي اپيل ڪورٽ اڳوڻي فرانسيسي صدر نڪولس سرڪوزي کي 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب نڪولس سرڪوزي تي مجرماڻي سازش جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ٻڌائي وئي.
عدالت نڪولس سرڪوزي کي حراست ۾ وٺڻ جو حڪم ڏنو، هو ڪرپشن جي مختلف الزامن تي گهر تي نظربند هو، گذريل سال سرڪوزي تي 2012 جي چونڊ مهم ۾ غير قانوني خرچن جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ٻڌائي وئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پيرس جي اپيل ڪورٽ نڪولس سرڪوزي جي اپيل رد ڪري ماتحت عدالت جو فيصلو برقرار رکيو.
عدالت چيو ته سرڪوزي 2007 جي صدارتي چونڊن لاءِ ليبيا جي اڳوڻي صدر معمر قذافي کان لکين يورو جي غير قانوني مالي مدد ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.