نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي بچاءَ واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته چيف آف ڊفينس اسٽاف (سي ڊي ايس) جنرل انيل چوهاڻ جي ملازمت جي مدي ۾ مئي 2026 تائين واڌ ڪئي وئي آهي.
ڀارتي بچاءَ واري وزارت طرفان اِهو اعلان جنرل چوهاڻ جي ملازمت جو مدو ختم ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيو ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪابينا جي مقرري ڪميٽي (اي سي سي) اربع ڏينهن سندس ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي منظوري ڏني هئي.
دفاع واري وزارت موجب، جنرل چوهاڻ هاڻي 30 مئي 2026 تائين يا ايندڙ حڪمن تائين سي ڊي ايس ۽ عسڪري معاملن واري کاتي جو سيڪريٽري رهندو.
Prev Post
You might also like