ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جون زمينون کسيون پيون وڃن:زين شاهه

گولاڙچي (ن ع آ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ گولاڙچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تهسنڌ ۾ ڪرپشن عروج تي آهي، وفاق صوبن جي وسيلن تي زبردستي قابض ٿي رهيو آهي،هن چيو ته هر ادارو ڪرپشن سبب تباھ حال بڻيل آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جي زمينون مقامي هارين کان زبردستي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن  چيو ته وفاق نوازليگ ۽ پ پ پ جي ڳٺ جوڙ سان اين ايف سي ايوارڊ کي پڻ کاٽ ھنيو آھي، پيٽروليم ڊولپمينٽ جي آڙ ۾ 13 سو کرب جي ڪٽوتي ڪئي وئي آھي جيڪا صوبن سان سراسر ناانصافي آھي جنھن جي اسين مذمت ڪريون ٿا، ھن چيو ته سنڌ ۾ ايڏيون برساتون ھن ڀيري نه وسيون آھن پر برسات جي آڙ ۾ پبلڪ ھيلٿ ۽ لوڪل گورنمنٽ کاتن ذريعي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آھي، ان موقعي تي امير آزاد پنھور، اميرعلي ٿيٻو، رمضان ٻرڙو، حيدرشاھ، ابو نوحاڻي، دانش نور، اعجاز شيخ ۽ ٻيا پڻ گڏ ھئا، ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر مهرالدين مري،صالح نوحاڻي، رضا آڪاش خاناڻي، ممتاز ميمڻ ۽ ٻين صحافين پريس ڪلب اچڻ تي سيد زين شاھ جي آجيان ڪئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.