اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پ پ اڳواڻ نديم افضل چن جماعت اسلامي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اڄ اهي چون ٿا ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ناڪام ٿي ويو آهي، پر اصل ناڪامي جماعت اسلامي جي آهي۔ اوهان سياست ضرور ڪريو پر عوامي ڀلائي وارن منصوبن تي تنقيد نه ڪريو،هن چيو ته ميان نواز شريف موجوده نظام کي تسليم نٿو ڪري،هو پارليامينٽ ۾ ئي نٿو اچي،جيڪڏهن پ پ موجوده سيٽ اپ ۾ ن ليگ جو ساٿ نه ڏئي ها ته ان جا اڌ کان وڌيڪ اڳواڻ جيلن ۾ هجن ها يا سعودي عرب يا لنڊن ترسيل هجن ها، پ پ ن ليگ تي احسان ڪيو آهي نه ته فارم 47 واري هي اليڪشن تڪراري رهي آهي.