حيدرآباد: ڪانفرنس ۾ گهر ڪئي وئي ته دھشتگردي جي خاتمي جي آڙ ۾ لڳ ڀڳ 6 مهينا حراست ۾ رکڻ لاءِ اينٽي ٽررزم ترميمي ايڪٽ آئين جي سنگين لتاڙ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، هن قانون وسيلي ملڪ جي 25 ڪروڙ عوام کي فيئر ٽرائل جهڙي بنيادي انساني حق کان محروم ڪيو ويو آهي، اھو قانون فوري ختم ڪري جبري گمشدگين جو سلسلو بند ڪري سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.