حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي+عتيق ملاح+راجا انور چانڊيو) سنڌ جي قومپرستن، ترقي پسندن، سياسي اڳواڻن، وڪيلن، اديبن، شاعرن ۽ شاگردن، ايندڙ ڏينهن ۾ وفاقي سرڪار پاران امڪاني طور تي ايندڙ 27 هين آئيني ترميم کي سنڌ جي وحدت تي وار قرار ڏئي رد ڪندي چيو آهي ته 27 هين آئيني ترميم ون يونٽ کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندي، ان ئي آئيني ترميم ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ جي ورهاڱي، ڪالاباغ ڊيم سميت نون ڊيمن ۽ ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا ايڪٽ ۽ ٻين ڪارن قانونن جي لاءِ رستو ٺاهيو ويندو، سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، سنڌ سميت ملڪ جي مظلوم قومن جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا سنڌين کي پنهنجي ڌرتي تان بيدخل ڪرڻ جي سازش آهن. اهڙو اظهار هنن عوامي تحريڪ پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ "27 هين آئيني ترميم ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ جي ورهاڱي، ڪالاباغ ڊيم سميت نون ڊيمن ۽ ڪينالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا ايڪٽ ۽ ٻين ڪارن قانونن خلاف ڪوٺايل ڪانفرنس” کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته جيڪڏهن 27 هين ترميم پاس ٿي ته سنڌ جو وجود خطري ۾ اچي ويندو، 27 هين ترميم ذريعي سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهيو پيو وڃي، نوان صوبا ٺاهڻ جو اختيار وفاق جي حوالي ڪرڻ لاءِ هي ترميم ڪئي پئي وڃي، بلاول ڀٽو زرداري اقتدار جي لالچ ۾ ايوب کهڙي جيان سنڌي قوم سان غداري ڪري رهيو آهي، سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش ڪندڙ حڪومت جي پيپلزپارٽي اتحادي آهي، پيپلزپارٽي هميشه اقتدار جي لالچ ۾ آمرن ۽ جابرن جو ساٿ ڏنو آهي، 71ع ۾ به پيپلزپارٽي عوام بدران آمرن سان گڏ بيٺي ۽ ملڪ ٽوڙائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، اڄ وري پيپلزپارٽي سنڌ تي حملو ڪندڙ ملڪ دشمن قوتن سان گڏ بيٺي آهي. هن چيو ته 26 هين آئيني ترميم ۾ به پيپلزپارٽي اسٽيبلشمينٽ سان سهڪار ڪري عدليا کي مفلوج بڻايو ۽ وري 27 هين ترميم لاءِ به پيپلزپارٽي جو راضپو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌي قوم پنهنجي ڌرتيءَ جو ورهاڱو برداشت نه ڪندي. هن پيڪا ايڪٽ کي اظهار جي آزادي ڦرڻ جي سازش قرار ڏيندي چيو ته پيڪا ايڪٽ صحافت کي قيد ڪرڻ سان گڏ اديبن، شاعرن، ليکڪن، هارين ۽ مزدورن جو آواز دٻائڻ جي سازش آهي، ميڊيا کي ته حڪومت مڪمل طور قيد ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته عوام دشمن ترميمن، آرڊيننسن، بلن ۽ ايس آئي ايف سي جهڙن عوام دشمن، ملڪ دشمن، قوم دشمن ادارن ذريعي ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشلا لاڳو ڪئي وئي آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ سميت ملڪ جي مظلوم قومن جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه 1945ع تحت سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ نون ڊيمن ۽ ڪئنالن جا منصوبا فوري طور ختم ڪيا وڃن، سرڪاري سرپرستي ۾ قائم ڌاڙيل راڄ جي مذمت ڪندي هن چيو ته ڪچي جي ڌاڙيلن کي سنڌ سرڪار مچائي مواڙ ڪيو آهي، پيپلزپارٽي جا وڏيرا ڌاڙيلن جي سرپرستي بند ڪن ته سنڌ ۾ امن ٿي ويندو عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار چيو ته وفاقي ادارن اڳ ۾ ئي هڪ صوبي جي بالادستي آهي، مٿان وري 27 هين ترميم ڪري مظلوم قومن کي مڪمل طور غلام بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر چيو ته پيڪا ايڪٽ ۽ اينٽي ٽيررز ايڪٽ جهڙن ڪارن قانونن ذريعي اظهار جي آزادي تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، هي پابندي برداشت نه ڪبي، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي چيو ته آئين ۾ ترميم ڪري صوبن جو حصو گهٽايو پيو وڃي. 27 هين آئيني ترميم سنڌ جي وجود جي خلاف آهي. عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري بخشل ٿلهو چيو ته حڪمرانن جي عوام دشمن، پورهيت دشمن، عورت دشمن منصوبن کي اسين برداشت نه ڪنداسين ۽ مزاحمت ڪنداسين. ايس آئي ايف سي ذريعي ملڪ جي 90 لک ايڪڙ زمين تي قبضا ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي. عوامي جمهوري پارٽي جي صدر نور نبي راهوجو چيو ته سنڌي ماڻهن ون يونٽ خلاف به جدوجھد هلائي ۽ هاڻي نئين طرز واري ون يونٽ خلاف به جدوجهد ڪئي ويندي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ هوت خان گاڏهي چيو ته 26 هين ترميم عدليا جي آزادي تي حملو آهي. 27 هين ترميم قومن جي خودمختياري تي وار آهي. اسين پنهنجي وسيلن تي ڪنهن به صورت ۾ قبضو برداشت نه ڪنداسين. ايس يو پي جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اصغر قريشي چيو ته منرلز اينڊ مائينز جي بل آڻڻ سان سنڌ جو عوام سراپا احتجاج هوندو. هاڻ کان تياري ڪرڻ گهرجي ته مائينز اينڊ منرلس جو بل آڻڻ نه ڏيون. جيڪڏهن اهو بل اچي ويو ته سنڌ جي معدني وسيلن تي سڌو قبضو ٿي ويندو. نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري چيو ته سنڌ جي وحدت سان هٿ چراند سنڌ جو عوام برداشت نه ڪندو،. اشرف سمون چيو ته اسان کان پاڻي کسيو پيو وڃي، زمينون ڦريون پيون وڃن. ايڊووڪيٽ اسرار چانگ چيو ته ڪمپنين جي مفادن جي تحفظ لاءِ نوان ڊيم ٺاهيا پيا وڃن، نامياري دانشور مشتاق ميراڻي چيو ته سنڌ تي ڏکيو وقت آهي، هر ڏينهن سنڌ جي وجود ۽ درياهه خلاف سازشون ٿيڻ سان گڏ سنڌ جي وسيلن، جبلن ۽ سياحتي مرڪزن جي کسڻ جون ڪوششون پيون ٿين، نامياري دانشور جامي چانڊيي چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت ناهي رهي، ڪو به حقيقي نموني جو وفاقي آئيني ڍانچو موجود ناهي، هي رياست عوام لاءِ ناهي، ڪارپوريٽ فارمنگ نيولبرل آرڊر جي شروعات آهن، سڄي ملڪ جي عوام، عوام دوست تنظيمن سان ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته پاڪستان اندر جمهوري قدر خطري ۾ آهن، ليکڪ فهيم نوناري چيو ته 27 هين آئيني ترميم کانپوءِ صوبن جي ڪهڙي حيثيت وڃي بيهندي ان تي سوچڻ گهرجي، وقت جي ضرورت آهي ته سنڌ جون قومي ۽ طبقاتي جدوجهد ڪندڙ تنظيمون هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي جدوجهد ڪن. ڊيلٽا ڊولپمينٽ آرگنائزيشن جي اڳواڻ شفيع مرگهر چيو ته حڪمرانن کي افغانين کي آباد ڪرڻ جو فڪر ته ورائي وڃي ٿو،پر ڊيلٽا جي متاثرن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪوشش نه ڪئي ويندي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو چيو ته حڪمرانن 26 هين ترميم عدالتن کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. حڪمران پاڻي بند ڪري انڊس ڊيلٽا تباھه ڪرڻ چاهين ٿا. ڪانفرنس ۾ سنڌ صوفي فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر بدر چنا، سماجي اڳواڻ نور بالادي، ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار علي محمد پرويز، ناول نگار، اديب منير چانڊيو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ستار رند، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ حسنه راهوجو، سڀاني ڏاهري، پرهه سومرو، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر علي نواز ڏاهري، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري علي رضا جلباڻي، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري پرهه ملاح، ايڊووڪيٽ نويد جروار، مير ٽڳڙ، شاعر مور ساگر، نور نبي پليجي ۽ ٻين اڳواڻن ۾ شرڪت ڪئي.
حيدرآباد: ڪانفرنس ۾ شريڪ سنڌ جي سياسي اڳواڻن، اديبن، دانشورن، شاعرن، ليکڪن، صحافين ۽ وڪيل قرداد پاس ڪري گهر ڪئي آهي ته سنڌ جو عوام سنڌ جي ورھاڱي جي سازش ڪڏھن به برداشت نه ڪندو، 26 ھين آئيني ترميم فوري واپس ورتي وڃي. 27 هين آئيني ترميم ذريعي اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي آڻي، صوبن جو مالي حصو گهٽائڻ، صوبن تي اضافي مالي بوج وجهڻ ۽ انتظامي طور ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي. ايس آءِ ايف سي جو فوري طور تي خاتمو ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ سميت مظلوم قومن جي زمينن تي مختلف بهانن سان قبضو ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندڙ منصوبن وسيلي ملڪ جي مظلوم قومن جون زمينون ڦٻائڻ بند ڪري زمينون بي زمين هارين ۾ ورهايون وڃن. سنڌو درياهه سنڌي عوام جو جياپو ۽ سنڌي قوم جي تھذيبي ۽ تاريخ جو اھڃاڻ آھي، سنڌو درياهه کي ڊيمن ۽ ڪئنالن وسيلي سڪايو پيو وڃي. ڪالاباغ ڊيم، ڀاشا ڊيم، 6 اسٽريٽجڪ ڪينالن سميت سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم ۽ ڪئنال ملڪ جي خالق صوبي سنڌ جو پاڻي ڏنڊي جي زور تي زبردستي کسڻ جي سازش آھي، سنڌو درياھ تي ڊيم ۽ ڪئنال اڏڻ بند ڪيا وڃن. پيڪا ايڪٽ اظھار جي آزادي جي آئيني حق جي خلاف ورزي، ضيائي ۽ ايوبي آمريت جي باقيات آھي، پيڪا ايڪٽ وارو ڪارو قانون ختم ڪري پاڪستان جي عوام کي اظھار جي آزادي جو آئيني حق ڏنو وڃي. مائينز اينڊ منرلز بل اميڊمينٽ 2025ع سنڌ سميت سمورين مظلوم قومن جي معدني وسيلن تي ڌاڙو هڻي، وسيلا وفاقي ڪنٽرول ۾ ڏيڻ جي سازش آهي، سنڌ مان ڌاڙيل راڄ ختم ڪري انهن ۾ ملوث ادارن ۽ فردن خلاف قانوني قدم کنيا وڃن. سنڌ مان منشيات جو خاتمو آڻي نوجوان نسل کي بچايو وڃي، ڪارونجهر، گورک هل سنڌ جا اثاثا آهن، انهن کي وڪڻڻ بدران اتي ڊولپمينٽ ڪرائي سياحت کي هٿي وٺرائي وڃي.