اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) خبر ملي آهي ته اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بگرام ايئربيس تي ٻيهر قبضو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو۔ ذريعن موجب ٽرمپ جو مقصد افغانستان ۾ رجيم چينج ڪري طالبان حڪومت کي ختم ڪرڻ هو۔ ٻڌايو پيو وڃي ته آمريڪا طالبان مخالف ڌڙن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ سڌي حملن بدران پرڏيهي گروپن ذريعي جنگ وڙهڻ جو ارادو آهي۔ افغانستان ۾ هن وقت گهرو ويڙهه ۽ انتشار وڌي رهيو آهي جڏهنتہ طالبان جي سخت قانونن سبب عوام ۾ ناپسنديدگي وڌي وئي آهي.