دالبندين(ع آ نيوز) بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پجار جي اڳوڻي چيئرمين زبير بلوچ کي سيڪيورٽي فورسز جي هڪ ڪارروائي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. سيڪيورٽي ذريعن هن واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته هڪ اداري ڳجهو انٽيليجنس آپريشن ڪري هڪ اهم گهربل هدف کي گرفتار يا مارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ زبير بلوچ ملوث ٿيو۔ سيڪيورٽي اختيارين موجب زبير بلوچ تي الزام هو ته هو بلوچ لبريشن آرمي جي انٽيليجنس ونگ سان لاڳاپيل هو ۽ هن تي پاڪ فضائيه جي ٻن اهلڪارن تي قاتلاڻين ڪاررواين جو الزام هو۔ ڊگهي نگراني ۽ سڃاڻپ کان پوءِ جڏهن آپريشن دوران سندس مقابلو ٿيو ته هن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ فورسز به فائرنگ ڪئي ۽ هو موقعي تي مارجي ويو، جڏهن ته ساڳي ڪارروائي ۾ ٻه ٻيا شڪي بي ايل اي جا ڪارڪن به مارجي ويا۔ بي اين پي (مينگل) جي سربراهه اختر مينگل زبير بلوچ جي مارجڻ تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته جتي سچ ڳالهائڻ گهرجي اتي خاموشي وٺرائي وڃي ٿي پر خاموشي اسان جا نالا دفن نه ٿي ڪري سگهي ۽ اسين پنهنجي آخري ساهه تائين ڳالهائينداسين، ۽ جيڪڏهن اسان جو آواز کسيو ويو ته اسان جو رت اسان جي ٻارن جي حوصلن جو نقشو بڻجي ويندو۔ انساني حقن جي ڪارڪن ايڊووڪيٽ جليلا حيدر زبير بلوچ کي مارڻ جي مذمت ڪندي چيو ته هوءَ زبير بلوچ جي قتل تي ڏکويل آهي ۽ کيس ياد آهي ته زبير کي هڪ ڀيرو نَو مهينا جبري طور گم ڪرايو ويو هو جڏهن ته سندس خلاف ڪو به واضح الزام يا جاچ نه ڪئي وئي هئي۔ ۔،نيشنل پارٽي به زبير بلوچ جي مارجڻ واري واقعي جي مذمت ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هڪ قانون دان کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو آهي. زبير بلوچ اظهار جي آزادي، کنڀيل ماڻهن جي آزادي ۽ ٻين انساني حقن جي مسئلن ۽ شاگردن جي حقن لاءِ ڳالهايو.