پي ٽي آءِ اڳواڻ فلڪ جاويد نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي هٿان گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فلڪ جاويد کي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) گرفتار ڪري ورتو.
اين سي سي آءِ اي اختيارين موجب فلڪ جاويد کي لاهور ۾ اڇرا جي علائقي مان حراست ۾ ورتو ويو.
اختيارين ٻڌايو ته فلڪ جاويد ٻن ڪيسن ۾ گهربل هئي، فلڪ جاويد تي رياستي ادارن خلاف پروپيگنڊا جو ڪيس داخل آهي، سندس خلاف عورت سياستدان خلاف نازيبا لفظ استعمال ڪرڻ جو به ڪيس داخل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.