اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان پيٽروليم شين تي وصول ڪئي ويندڙ ٽيڪس جا تفصيل سامهون اچي ويا.
پيٽروليم ڊويزن جي دستاويزن موجب هڪ ليٽر پيٽرول تي 94 رپيا 89 پيسا ۽ هڪ ليٽر ڊيزل تي 95 رپيا 35 پيسا ٽيڪس لاڳو آهي، پيٽرول جي قيمت تي 36 سيڪڙو ۽ ڊيزل جي قيمت تي 35 سيڪڙو ٽيڪس آهي.
دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو ته في ليٽر پيٽرول جي قيمت تي 14 رپيا 37 پيسا ڪسٽم ڊيوٽي، 78 رپيا 2 پيسا پيٽروليم ليوي ۽ 2 رپيا 50 پيسا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي شامل آهي.
في ليٽر ڊيزل جي قيمت تي 15 رپيا 84 پيسا ڪسٽم ڊيوٽي، 77 رپيا هڪ پيو پيٽروليم ليوي، جڏهن ته اڍائي رپيا ڪلائميٽ ليوي شامل آهي.
You might also like