نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستاني معيشت تي تازي ٻوڏ جي اثرن کي آءِ ايم ايف جي جائزي ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
نيو يارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪئي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام جا مختلف هدفن ۽ واعدا نڀائڻ ۾ اڳڀرائي ڪري رهيو آهي، پاڪستاني معيشت تي تازي ٻوڏ جي اثرن کي آءِ ايم ايف جي جائزي ۾ شامل ڪيو وڃي.
ان موقعي تي آءِ ايم ايف مينيجنگ ڊائريڪٽر پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ بحالي جي اثرائتي قدمن لاءِ نقصانن جي ڪاٿي جي اهميت کي اجاڳر ڪيو.
پاڪستاني معيشت تي ٻوڏ جي اثرن کي آءِ ايم ايف جائزي ۾ شامل ڪيو وڃي: وزيراعظم جو مطالبو
You might also like