لنڊن شرعي قانون ڏانهن وڌي رهيو آهي: ٽرمپ جي دعويٰ

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ سان خطاب دوران دعويٰ ڪئي آهي ته لنڊن ”شرعي قانون لاڳو ڪرڻ “ چاهي ٿو.
اڱاري ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ سان خطاب ڪندي ٽرمپ لنڊن جي ميئر سر صادق خان کي ٻيهر تنقيد جو نشانو بڻايو. ان کانسواءِ هن پناهه جي متلاشي ماڻهن لاءِ گڏيل قومن جي امداد تي به تنقيد ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي صدر پنهنجي خطاب دوران لنڊن جي قيادت کي مخاطب ڪندي چيوته ”مان لنڊن ڏسان ٿو، جتي توهان وٽ هڪ خراب ميئر آهي، خراب کان خراب تر ميئر آهي جنهن شهر کي بدلائي ڇڏيو آهي.“
هن دعويٰ ڪئي ته ”هاڻي هو شريعت ڏانهن وڃڻ چاهي ٿو، پر توهان ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ آهيو، توهان ائين نٿا ڪري سگهو.“
آمريڪي صدر جي بيان تي لنڊن ميئر جي ترجمان چيو ته هو اهڙي تعصباڻي بيان تي ردعمل نٿا ڏيڻ چاهين.
ترجمان چيو ته لنڊن دنيا جو سڀ کان بهترين شهر آهي، جيڪو آمريڪا جي وڏن شهرن کان وڌيڪ محفوظ آهي.
ترجمان موجب، اسان کي خوشي ٿئي ٿي جو رڪارڊ انگ ۾ آمريڪي شهري هتي منتقل ٿي رهيا آهن ۽ اسان کين ڀليڪار چئون ٿا.
واضح رهي ته 2015ع ۾ صادق خان ان وقت جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ جي ان تجويز جي مذمت ڪئي هئي ته مسلمانن جي آمريڪا جي سفر تي پابندي لڳائي وڃي.
تڏهن کان وٺي ڊونلڊ ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا لنڊن جي ميئر کي تنقيد جو نشانو بڻائي چڪو آهي.
گذريل هفتي برطانيا جي سرڪاري دوري دوران به آمريڪي صدر چيو هو ته سر صادق ”دنيا جي بدترين ميئرز مان هڪ آهي.“
هن دعويٰ ڪئي ته هن ميئر کي چيو هو ته هو دوري دوران تقريبن ۾ شرڪت نه ڪري، جڏهن ته هن ونڊسر محل ۾ بادشاهه طرفان ڏنل سرڪاري دعوت ۾ به کيس شامل نه ٿيڻ جو چيو هو.
ٻئي پاسي صادق خان چيو آهي ته هو صدر ٽرمپ جي بيانن تي ڌيان نه ٿو ڏيڻ چاهي ۽ هن وٽ ٻيا به کوڙ سارا ڪم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.