وفاق ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي تان هٿ کڻي ويو

ڪراچي (شڪيل نائچ) ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبو، 1970ع کان وٺي مختلف حڪومتن جي اعلانن ۽ دعوائن تائين محدود رهيو آهي، هاڻي ٻيهر رنڊڪن جو شڪار ٿي ويو آهي. وفاقي حڪومت واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو منصوبي لاءِ نه ڪا فنڊنگ ڏيندي ۽ نه ئي ڪنهن ڪمپني سان معاهدو ڪندي، سنڌ حڪومت چاهي ته پاڻ ڪري. جڏهن ته سنڌ حڪومت بار بار 3 کان 4 سالن کان وفاق کي سمجهائڻ ۽ سي پيڪ ۾ شامل ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون پر کڙتيل نه نڪتو. صدر ۽ وزيراعظم چين مان موٽي آيا ته اهو واضح ٿي ويو ته 150 ارب ڊالر جي سرڪلر ريلوي منصوبي تي ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي. شهر ۾ اڳ ريلوي ٽريڪ ۽ ٽرام هلندي هئي، جيڪا وقت سان بند ڪئي وئي.هاڻي جتي سرڪولر ريلوي جو پراڻو ٽريڪ هو، اتي قبضن، رهائشي اڏاوتن ۽ فليٽن جو ڄار وڇائجي ويو آهي، جنهن سبب ٽرين لاءِ رستو ئي نظر نٿو اچي. چيني ڪمپنين پاران به منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي، پر وفاقي حڪومت ان تي به راضي نه ٿي. اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ٽرينون هلڻ باوجود ڪراچي کي نظرانداز ڪرڻ پنجاب پرستي جي پاليسي جو تسلسل آهي. وسيلن جي ورهاست، ترقياتي بجيٽ ۽ قومي معاملن ۾ سدائين پنجاب کي اوليت ڏني وئي، جڏهن ته سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا کي پٺتي ڌڪيو ويو. ان صورتحال تي سنڌ جي سياسي ڌرين ۾ بيچيني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.