نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڏاج نه آڻڻ تي نُنهن تي تشدد ۽ قتل جا واقعا ته سامهون ايندا رهندا آهن پر تازي واقعي ۾ ساهرن ڏاج نه آڻڻ تي ڪنهن جي ڪمري ۾ زهريلو نانگ ڇڏي ڏنو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو اتر پرديش جي شهر ڪانپور ۾ پيش آيو، متاثر عورت جي ڀيڻ ٻڌايو ته ريشمان جي 4 سال اڳ شادي ٿي هئي، شادي جا شروعاتي ڏينهن ته معمول موجب گذريا پر ڪجهه عرصي کانپوءِ ساهرن ڪمرو ٺهرائڻ بهاني ٻن لک رپين جو مطالبو ڪيو.
ڀيڻ ٻڌايو ته والدين ڏيڍ لک رپيا ريشمان جي سهري جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا پر ان باوجود ڀيڻيوي ۽ ان جي گهر وارن وڌيڪ 5 لک رپيا گهريا ۽ ڏاج گهٽ آڻڻ جا مهڻا ڏئي ريشمان کي ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو به بڻائيندا رهيا.
سندس چوڻ هو ته ٻه ڏينهن اڳ ڀيڻ ريشمان کي ڌيءُ کان الڳ ڪري هڪ ڪمري ۾ بند ڪيو ويو ۽ ان ۾ زهريلو نانگ ڇڏيو ويو، جنهن ڀيڻ کي پير تي ڏنگيو، هوءَ زخمي حالت ۾ گهران نڪري اسان وٽ آئي، جنهن کانپوءِ اسان فوري طور تي کيس اسپتال منتقل ڪيو.
ريشمان جي ڀيڻ جي فرياد تي پوليس ڀيڻيوي ۽ گهر وارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
You might also like