ڪراچي(پ ر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ جيئي سنڌ قوم پرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ دودو ديشي صحافي امتياز مير تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. صنعان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ صحافين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. سکر ۾ صحافي جان محمد مهر، گهوٽڪي ۾ نصرالله گڏاڻي کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو، رات ڪراچي جي روڊن تي سينيئر صحافي ۽ اينڪرپرسن مير امتياز مير تي حملو ڪيو ويو آهي، جنهن جي مذمت ڪندي گُهر ڪجي ٿي ته حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودو ديشي ڪراچيءَ جي سَرگرم صَحافي, اينڪر پرسن امتياز مير تي قاتلاڻي حملي جي سَخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. اسان جيئي سنڌ قومپرست پارٽي طرفان ھِن واقعي جي سَخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، ۽ حُڪومت کان گُھر ڪريون ٿا ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري حملي جي سازش کي وائکو ڪيو وڃي.