فوجي عدالتن مان سزا يافتا ڏوهارين کي اپيل جو حق ڏيڻ ۽ ان لاءِ 45 ڏينهن ۾ قانونسازي جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ، فوجي عدالتن جي سزا يافته ڏوهارين کي اپيل جو حق ڏيڻ ۽ اپيل جو حق ڏيڻ لاءِ 45 ڏينهن ۾ قانونسازي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عام شهرين جي ڪورٽ مارشل بابت انٽراڪورٽ اپيلن جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو، تفصيلي اڪثريتي فيصلو جسٽس امين الدين خان لکيو.
سويلين جي ڪورٽ مارشل جي حوالي سان انٽراڪورٽ اپيلن تي فيصلو 7 مئي 2025 تي ٻڌايو ويو هو.
سپريم ڪورٽ جي ست رڪني آئيني بينچ انٽرا ڪورٽ اپيلن تي فيصلو ٻڌايو هو جن مان پنج ججن انٽرا ڪورٽ اپيلن کي منظور ۽ ٻن ججن رد ڪيو هو.
سپريم ڪورٽ انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ ملٽري ٽرائل جي اجازت ڏني هئي.
جسٽس امين الدين خان 68 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو، جڏهن ته جسٽس محمد علي مظهر 47 صفحن جو اضافي نوٽ لکيو.
جسٽس امين، جسٽس حسن رضوي، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس شاهد بلال اضافي نوٽ سان اتفاق ڪيو.
جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس نعيم افغان اختلافي نوٽ لکيو هو.
فيصلي ۾ ملٽري ڪورٽ جي سزا يافته ڏوهارين کي اپيل جو حق ڏيڻ ۽ اپيل جو حق ڏيڻ لاءِ 45 ڏينهن ۾ حڪومت کي قانونسازي جو حڪم ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.