دبئي)ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ پاڪ-ڀارت ميچ ۾ ڀارتي ٽيم هڪ ڀيور ٻيهر اسپورٽس مين اسپرٽ کي نظرانداز ڪندي ميچ کانپوءِ پاڪستاني رانديگرن سان هٿ نه ملايو.
14 سيپٽمبر تي ايشيا ڪپ ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گروپ اسٽيج ميچ دوران هٿ نه ملائڻ وارو تڪرار سامهون آيو، جتي ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادو ۽ ڀارتي رانديگرن پاڪستاني ٽيم سان هٿ ملائڻ کان پاسو ڪيو.
ٽاس دوران به ٻنهي ڪپتانن هٿ نه ملايو ۽ ميچ کانپوءِ به ساڳي صورتحال رهي. ايتري تائين جو ڀارتي ٽيم جي رانديگرن ميچ جي پڄاڻي تي آفيشلز سان به هٿ نه ملايو.
ان کانپوءِ سپر فور مرحلي ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي ميچ ۾ ڀارتي ٽيم جي هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير جي درخواست تي ٿورو پروٽوڪول بدلايو ويو.
سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گمڀير ڀارتي رانديگرن کي ميچ کانپوءِ ڊريسنگ روم مان سڏي ميدان تي آندو ۽ امپائرن سان هٿ ملائڻ لاءِ چيو.
ظاهر طور شرط اها رکيل هئي ته هٿ رڳو ميچ آفيشلز سان ملائبو.
واضح رهي ته ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي جي سپر فور مرحلي جي ٻي ميچ ۾به ڀارت پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني.
سپر فور مرحلي ۾ پاڪستان پنهنجي ايندڙ ميچ 23 سيپٽمبر( سڀاڻي) تي سريلنڪا جي خلاف کيڏندو.
پاڪستاني رانديگرن سان وري ” نو هينڊ شيڪ“، گمڀير جي درخواست تي ڀارتي ٽيم پروٽوڪول بدلائي ڇڏيو
You might also like