اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سعودي عرب سان تاريخي دفاعي معاهدي تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پارلياماني ذريعن موجب، قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 سيپٽمبر جي شام 5 وڳي طلب ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پارلياماني معاملن واري وزارت اجلاس سڏائڻ جي سمري وزيراعظم کي موڪلي ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس دوران بچاءُ وارو وزير خواجا آصف ان حوالي سان پاليسي بيان ڏيندو، قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻن هفتن تائين جاري رهندو، اجلاس ۾ معمولي ايجنڊا به بحث هيٺ ايندي.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ قانونسازي لاءِ مختلف بِل ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون پڻ پيش ڪيون وينديون.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ’اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي‘ (ايس ايم ڊِي اَي) تي صحيحون ڪيون هيون.
ان معاهدي جي شقن تحت هڪ ملڪ خلاف اڳرائي ٻنهي خلاف حملو تصور ڪئي ويندي، معاهدو ٻنهي جي سلامتي ۽ دنيا ۾ امن لاءِ گڏيل عزم کي اجاگر ڪري ٿو.