”نفرت جو جواب نفرت نه معافي آهي“، چارلي ڪرڪ جي زال پنهنجي مڙس جي قاتل کي معاف ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ويجهي ساٿي چارلي ڪرڪ جي زال پنهنجي مڙس جي قاتل کي معاف ڪري ڇڏيو.
آمريڪي رياست ايريزونا ۾ چارلي ڪرڪ جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ صدر ٽرمپ پڻ شرڪت ڪئي.
آمريڪي صدر ٽرمپ ايريڪا کي آٿت ڏني ۽ چارلي ڪرڪ کي ’آمريڪي آزادي جو شهيد‘ قرار ڏيندي سندس مشن کي اڳتي وڌائڻ جو عزم ظاهر ڪيو.
ان موقعي تي ايريڪا ڪرڪ پنهنجي مڙس کي ڀيٽا پيش ڪندي جذباتي ٿي لڙڪ لاڙي ويٺي ۽ تقرير ۾ قاتل کي معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
ايريڪا ڪرڪ چيو ته ”نفرت جو جواب نفرت نه پر معافي آهي.“
واضح رهي ته صدر ٽرمپ جي ويجهي ساٿي ۽ اسرائيل نواز چارلي ڪرڪ کي 11 سيپٽمبر تي يوٽا يونيورسٽي ۾ تقرير دوران گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو.
اکين ڏٺن شاهدن پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته چارلي کي ان وقت گولي هنئي وئي، جڏهن هو گن ڪنٽرول ۽ هجوم تي فائرنگ جي موضوع تي ڳالهائي رهيو هو.
چارلي ڪرڪ هڪ قدامت پسند شخصيت هو ۽ کيس آمريڪي صدر جو تمام ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو هو.
رپورٽن موجب، چارلي ڪرڪ ”ٽرننگ پوائنٽ يو ايس اي“ نالي تنظيم جو باني پڻ هو، جيڪا تعليمي ادارن ۾ قدامت پسند نظرين کي هٿي ڏيئي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.