ڪراچي (ذوالفقار راڄپر) ذهني صحت جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر، سول سوسائٽي ۽ عورتن جي قانوني ۽ سماجي حقن جي اڳواڻن ۽ صحافين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته صوبي ۾ ذهني صحت ۽ سائنس يونيورسٽي کولڻ لاءِ پاس ڪيل ايڪٽ تي عمل ڪندي ذهني صحت جي خصوصي يونيورسٽي کولي وڃي، صحت جي بجيٽ ۾ اضافو ڪري تعلقي سطح تائين ذهني صحت جا وارڊ کوليا وڃن، ضلعي سطح جي وڏين سرڪاري اسپتالن ۾ ذهني سطح جي وارڊن، مرد ۽ عورت ڊاڪٽرن، تربيت آفتہ نرسين ۽ ميڊيڪل اسٽاف، عورت ماهر نفسيات ڊاڪٽرياڻين ۽ ڊاڪٽرن ۽ رضاڪارن جو تعداد وڌايو وڃي، ٿر سميت سنڌ جي ٻين وارياسي علائقن ۾ نوجوانن ۽ ڇوڪرين جي تيزيءَ سان وڌندڙ خودڪشين متعلق تحقيقات ڪري اتي خودڪشين جي وڌندڙ تعداد جي روڪٿام لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن،اها ڳالهه عورتن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم ” نوري ” طرفان ذهني صحت ۽ ان جا مسئلا جي موضوع تي شاگردياڻين لاءِ منعقد ڪيل هڪ سيمينار ۾ ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ مينٽل اٿارٽي جي چيئرمين ،ماهر نفسيات سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجه مهمان خاص طور ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي 25 ڪروڙ آباديءَ ۾ ڪل 600 ماهر نفسيات موجود آهن، سنڌ جي پنج ڪروڙ کان وڌيڪ آباديءَ لاءِ 140 ذهني صحت جا ڊاڪٽر آهن، جنهن مان 120 رجسٽرڊ ٿيل آهن، هن چيو ته سنڌ جي ٿر، خيرپور ۽ سانگهڙ جي وارياسي علائقن ۾ 34 سيڪڙو آبادي فراريت، ويڳاڻپ ۽ مونجهاري جو شڪار آهي، صرف امر ڪوٽ ۾ 48.5 سيڪڙو فردن سان ذهني صحت سان لاڳاپيل مسئلا موجود آهن، جنهن ۾ وڏو تعداد غريب غير مسلم آبادي جو آهي،هن وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ غربت، بک، ننڍي عمر جي شادين، بي روزگاري، سوڪڙ ڪري ذهني صحت جا گھڻا مسئلا موجود آهن، ان ڪري اتي خودڪشين جا واقعا به گهڻا ٿين ٿا. عورتن جي قانوني مدد ڪندڙ تنظيم ويمن لائيرس الائنس جي چيئر پرسن شازيه نظاماڻي وڪيل چيو ته پاڪستان ۾ ذهني صحت سان لاڳاپيل مرضن لاءِ گهٽ ۾گهٽ 7 هزار ماهر ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين جي سخت ضرورت آهي، سنڌ جي ضلعي سطح جي وڏين اسپتالن ۾ ذهني صحت جي وارڊن، ڊاڪٽرن، ،ڊاڪٽرياڻين ۽ ذهني مريض جي سنڀال ڪندڙ تربيت آفتہ اسٽاف جو تعداد بنهه ٿورو آهي، جنهن کي وڌايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هڪ مريض تي 370 روپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته ترقي يافته ملڪن ۾ هڪ مريض تي 18 ھزار خرچ ٿي رهيا آهن، سال 2024 جي پهرين 8 مهينن ۾ ٿر ۾ 88 ماڻهن خودڪشي ڪئي، هڪ سروي موجب پاڪستان ۾ 2018 ۾ هڪ هزار ماڻهن خودڪشي ڪئي، ٿر ۾ نوجوان ڇوڪرين جي خودڪشي ڪرڻ جو تعداد وڌي رهيو آهي، شازيه نظاماڻي چيو ته ڪجهه سال اڳ سنڌ ۾ ذهني صحت ۽ سائنس يونيورسٽي کولڻ جو ايڪٽ پاس ڪيو ويو، پر اها نه کلي سگهي آهي، سيمينار ۾ نامياري صحافي ۽ ليکڪ نصير اعجاز، نوري تنظيم جي اڳواڻ پرهه اعجاز ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ملڪ ۽ سنڌ ۾ ذهني مونجهارن ،فراريت ۽ خودڪشين جي روڪٿام لاءِ سرڪاري سطح تي روزگار جا وسيلا وڌايا وڃن ، تعليم ۽ صحت جا مرڪز کوليا وڃن. سيمينار ۾ سنڌيا سومرو گيت به ٻڌايو