جيئن دشمن جا ڇهه جهاز ڪيرايا ائين ئي ملڪ مان غربت جو خاتمو آڻينداسين: وزيراعظم

لنڊن(م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتحاد ۽ يڪجهتي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته 10 مئي جي فتح دشمن کي ايترو وڏو سبق سيکاريو، جيڪو هو سڄي زندگي نه وساري سگهندو. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان کي هڪ وڏي فوجي طاقت بڻايو آهي. وزيراعظم لنڊن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين بابت هڪ تقريب کي خطاب ڪندي 10 مئي جي فتح ۽ معرڪوءِ حق جي عظيم ڪاميابي تي سمنڊ پار پاڪستانين کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اها اهڙي فتح هئي جنهن دشمن کي هميشه لاءِ خبردار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو   ته معرڪه حق ۾ ڀارت کي جيڪو سبق سيکاريو ويو، اهو هو زندگي ڀر نه وساري سگهندو، پر هاڻ جنگ بندي ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري اسان امن ۽ برابري جي بنياد تي ڪشمير سميت سمورن مسئلن جو پرامن حل چاهيون ٿا، ڇو ته ٻنهي پاڙيسري ملڪن کي هميشه گڏجي ئي رهڻو آهي.  وزيراعظم چيو ته منهنجي لاءِ وڏي خوشي ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته مان اوهان جهڙن محنتي سمنڊ پار پاڪستانين جي اڳيان بيٺو آهيان، اوهان ملڪ جا اهڙا سفير آهيو، جيڪي يورپ، برطانيا، اتر آمريڪا، وچ اوڀر ۽ اوڀر ايشيا ۾ رات ڏينهن محنت ڪندا آهيو ۽ حلال روزي ڪمائيندا آهيو. هن وڌيڪ چيو ته مان دل جي گهراين سان اعتراف ڪريان ٿو ته اوهان جي محنت سان حاصل ڪيل رقم مان گذريل سال اوهان پاڪستان ڏانهن 38.5 ارب ڊالر موڪليا، بغير ان جي پاڪستان جي معيشت اڳتي نٿي وڌي سگهي. مان اوهان کي سلام پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سمنڊ پاڪستاني نه رڳو اقتصادي طور تي، پر سياسي طور به دنيا جي هر فورم تي ملڪ جو بچاءَ ڪن ٿا.  هن چيو ته سمنڊ پاڪستانين مان ڊاڪٽر، انجنيئر، ڪاروباري ماڻهو ۽ مزدور جيڪي ديار غير ۾ محنت سان پنهنجو نالو ڪمائين ٿا، اهي پاڪستان جي سٺين خاصيتن جا عڪاس آهن. "اوهان محنت، ايمانداري ۽ باوقار رويي سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جڏهن اسان تي غلط الزام لڳايا ويا، مان ڪاڪول ۾ بيان ڏنو ته پاڪستان جو ان واقعي سان پري پري تائين ڪو تعلق ناهي. مون عالمي جاچ ڪميٽي جو مطالبو ڪيو، پر پاڙيسري ملڪ خاموش رهيو ۽ 6 مئي تي دشمن پاڪستان تي حملو ڪيو، بيگناهه ماڻهن، مسجدن ۽ شھري عمارتن کي نشانو بڻايو.”پاڪستان کي پنهنجي دفاع ۾ جواب ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو، ۽ هڪ ئي جھٽڪي ۾ دشمن جا 6 جهاز زمين بوس ڪيا ويا. دشمن کي ڪلاڪن ۾ خبر پئجي وئي ته جيڪڏهن ڳالهه اڳتي وئي ته نتيجا ڳرا نڪرندا. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مان تازو عرب دوست ملڪن جي دوري تان آيو آهيان، اتي هڪ ملڪ جي سربراهه مون کان پڇيو ته پاڪستان جي عظمت واري فتح جا ٻه وڏا سبب ڪهڙا آهن؟ مون چيو ته . پاڪ فوج جي بهادري، مهارت، ۽ الله تي ڀروسو. سياسي ۽ فوجي قيادت جي مڪمل اتحاد.شهباز شريف چيو ته فِيلڊ مارشل جنرل عاصم منير هن جنگ جي قيادت ڪئي، بري فوج جي جوانن ۽ آفيسرن شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، ۽ فضائي فوج جي سربراهه ايئر چيف ظهير احمد بابر جي اڳواڻيءَ ۾ اسان جا شاهين دشمن تي ڇاپا هڻي کيس قابو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.