ملير (پ ر) ملير، رزاق آباد ۾ سينيئر سماجي ۽ سياسي اڳواڻ خدا ڏنو شاه سان عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ، ايڊووڪيٽ خالد تنيو ملاقات ڪري کيس 24 سيپٽمبر تي حيدرآباد ۾ 27هين آئيني ترميم ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ جي ورهاڱي، ڪالاباغ ڊيم سميت نون ڊيمن ۽ ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا ايڪٽ ۽ ٻين ڪارن قانونن خلاف ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ملاقات دوران عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ڳالهائيندي چيو ته جمهوريت جي نالي ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي وئي آهي. هن چيو ته 27هين آئين ترميم ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ جي ورهاڱي کي سنڌ جو عوام برداشت نه ڪندو. خدا ڏنو شاه عوامي تحريڪ جي قيادت کي 24 سيپٽمبر جي ڪانفرنس ۾ شرڪت جو يقين ڏياريندي چيو ته سنڌ جي صورتحال انتهائي ڳتي جوڳي آهي. ملير سميت سڄي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن. ملير جي لکين ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي، بحريا ٽائون، ڪمانڊر سٽي ۽ ٻين رهائشي اسڪيمن کي ڏني وئي آهي. سنڌ سرڪار مقامي ماڻهن، مزدورن ۽ پورهيتن کي 80 گز جو پلاٽ به ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. امن امان تباھ آهي. ٻي طرف عوامي تحريڪ ملير ضلعي ملير جو اجلاس ضلعي صدر پرهه سومرو جي صدارت ۾ پپري ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ايڊووڪيٽ وسند ٿري، نور احمد ڪاتيار خصوصي شرڪت ڪئي.