اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر هڪ تقريب ۾ جسٽس وقار سيٺ ۽ لطيف آفريدي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته اهي شخصيتون رڳو خيبر پختونخواهه نه پر سڄي پاڪستان جو فخر هيون. هن چيو ته لطيف آفريدي هڪ اهڙو ماڻهو هو جنهن ڪڏهن به طاقت آڏو سر نه جهڪايو ۽ مظلومن جي حق ۾ بي باڪ آواز اٿاريو. ڪيپٽن صفدر چيو ته کيس ياد آهي جڏهن لطيف آفريدي سپريم ڪورٽ ۾ قانوني معاملن تي بيباڪ ڳالهه ڪئي، جتي ٻين کي خوف هوندو هو، اتي به هن جرئت سان ڳالهه ڪئي. هن چيو ته جسٽس وقار سيٺ جڏهن پرويز مشرف خلاف فيصلو ڏنو ۽ کيس موت جي سزاءِ ٻڌائي، اهو پاڪستان جي عدالتي تاريخ ۾ هڪ مثال آهي. جسٽس وقار جي فيصلي کي نه مڃيو ويو، اهو به شهيد ٿي ويو. تقريب ۾ ڪيپٽن (ر) صفدر چيو ته باچا خان جو نظريو عدمِ تشدد سياست جو بنياد آهي، پر اڄوڪين حالتن ۾ خيبر پختونخواهه کي وري به اهڙن ججن ۽ وڪيلن جي ضرورت آهي، جيڪي آئين ۽ جمهوريت لاءِ بي باڪ ٿي سامهون اچن. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ لطيف آفريدي ۽ وقار سيٺ جهڙا ماڻهو هجن ها، ته اوڀر پاڪستان ڌار نه ٿئي ها. ڪيپٽن صفدر چيو ته خيبرپختونخواهه کي فخر آهي جو هتان جا جج ۽ اڳواڻ جرئت جا مثال بڻيا، پر ساڳئي وقت انهن کي هميشه دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پاڪستان کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اهڙن ئي بي باڪ ۽ ايماندار ماڻهن جي ضرورت آهي، جيڪي طاقتورن جي سامهون به سچ ڳالهائي سگهن.