سنڌ جي هڪ سينئر صوبائي وزير جو فرنٽ مين گرفتار ٿيڻ جا اطلاع؟

ڪراچي(حنيف دوامي) سنڌ ۾  وزيرن، بيوروڪريسي ۽ سندن فرنٽ مينن خلاف هڪ وڏي آپريشن جي شروعات ٿي چڪي آهي سنڌ ۾ اهم عهدو رکندڙ  کان پوءِ سينئر صوبائي وزير جو فرنٽ مين به اغوا يا گرفتار ٿيڻ جا اطلاع؟ تفصيل موجب سنڌ ۾ اهم ترين عهديدار جي فرنٽ مين جي گرفتاري کان پوءِ هاڻي سنڌ جي هڪ سينيئر وزير جو فرنٽ مين به مبينا طور اغوا يا گرفتار ٿيو آهي، هن اطلاع کانپوءِ ٻين وزيرن ۽ سندن سيڪريٽرين ۾ به سخت خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي، هرڪو پنهنجي ڪمزورين کي لڪائڻ لاءِ پنهنجن فرنٽ مينن کي ”هيڏانهن هوڏانهن “ڪري رهيو آهي ته جيئن اهي گرفتار نه ٿين، ڇو ته جيڪڏهن اهي هٿ لڳي ويا ته ڪرپشن جا ثبوت ”ادارن“ تائين پهچي سگهن ٿا۔ڪراچي مان خاص نمائندي جي رپورٽ موجب، گذريل ٻن هفتن کان فرنٽ مينن جي گرفتارين ۽ ”وٺ پڪڙ“ جو سلسلو لاڳيتو جاري آهي، شروعات  ۾سنڌ ۾ اهم عهديدار جي فرنٽ مين جي کنڀجڻ واري  واقعي کانپوءِ ڊفينس ٿاڻي جي ايس ايڇ او تي دٻاءُ وڌو ويو ته هو نامعلوم ماڻهن خلاف اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪري، ڪيس داخل ڪرڻ جي جرم تي ”غيبي دٻاءُ“ تي ايس ايڇ او لائن حاضر ڪيو ويو، ادارن وٽ وزيرن جي  20 کان وڌيڪ فرنٽ مينن جي لسٽ موجود آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته رينجرز ۽ حساس ادارا گڏجي ڪارروايون ڪري رهيا آهن ۽ سنڌ پوليس جا ڪجهه آفيسر به مڪمل سهڪار ڪري رهيا آهن،لسٽ ۾ موجود فرنٽ مينن جي ڪال رڪارڊز، بريف ڪيسن جي اچ وڃ، ڪميشن جا تفصيل سڀ ڪجهه ادارن جي  هٿ ۾ اچي ويو آهي۔ ڪنهن به وقت وڌيڪ گرفتاريون ٿي سگهن ٿيون.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 22 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.