”جيئن دشمن جا 6 جهاز ڪيراياسين، ائين ئي ملڪ مان غربت جو خاتمو به ڪري ڏيکارينداسين“

لنڊن (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان دشمن کي اهڙو سبق سيکاريو جيڪو سڄي زندگي ياد رکندو.
لنڊن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت پاڙيسري ملڪ آهن، اسان کي گڏ رهڻو آهي، ڀارت سان برابري جي بنياد تي ڳالهيون چاهيون ٿا، ڪشمير مسئلي جي حل بنا لاڳاپا قائم نٿا ٿي سگهن.
هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگين تي خرچ ٿيندڙ اربين ڊالر عوام جي ترقي ۽ خوشحالي تي خرچ ٿيڻ گهرجن، اسان جيئن دشمن جا 6 جهاز ڪيرايا، ائين ئي ملڪ مان غربت جو خاتمو به ڪري ڏيکارينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.