برطانيا، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا فلسطين کي رياست طور تسليم ڪري ورتو

برطانيا، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جنگبندي سميت ٻيا شرط پورا نه ڪيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ايڪس تي بيان ۾ چيو ته اڄ برطانيا فلسطينين ۽ اسرائيلين لاءِ امن جي اميد ٻيهر اجاڳر ڪندي فلسطين کي رياست طور تسليم ڪري ورتو آهي.
رپورٽ موجب برطانيا جو اهو قدم ٻين 140 کان وڌيڪ ملڪن سان مطابقت رکي ٿو پر اسرائيل ۽ ان جي اتحادي آمريڪا لاءِ ناراضگي جو سبب بڻجندو.
هوڏانهن ڪينيڊا ۽ آسٽريليا به فلسطين کي رياست طور تسليم ڪري ورتو ۽ نيو يارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران وڌيڪ ملڪن طرفان فلسطين کي تسليم ڪرڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.