ڀارت اڳتي حملو ڪيو ته سعودي عرب اسان سان گڏ هوندو: خواجا آصف

لنڊن (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارت اڳتي حملو ڪيو ته سعودي عرب اسان سان گڏ هوندو.
لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته سعودي عرب سان معاهدي ۾ دفاع جون سموريون ضرورتون شامل آهن، ڀارت اڳتي حملو ڪيو ته سعودي عرب اسان سان گڏ هوندو.
هن چيو ته سعودي عرب جو اولهه ملڪن تي دارومدار گهٽ ٿيندو، اسان انهن جي جيتري مدد ڪري سگهون ٿا ڪنداسين، اهي به اسان جي معاشي ضرورتن ۾ مدد ڪندا.
سندس چوڻ هو ته ٿي سگهي ٿو وڌيڪ پاڪستاني ليبر سعودي عرب وڃي، وڌيڪ مسلم ملڪ به اتحاد ۾ شامل ٿي سگهن، مسلم دنيا کي نيٽو جهڙو اتحاد ٺاهڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.