دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي جي ٻي ميچ ۾ ڀارت پاڪستان خلاف ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو آهي.
ايشيا ڪپ ۾ دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون اڄ ٻيهر آمهون سامهون ٿي رهيون آهن.
ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادو ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو آهي.
ان موقعي تي پاڪستان جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو ته ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن، حسن نواز جي جاءِ تي حسين طلعت کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته خوشدل شاهه جي جاءِ تي فهيم اشرف کيڏي رهيو آهي.
You might also like