عراقي فيملي کي ڌمڪيون ۽ بليڪ ميل ڪندڙ جوابدار پشاور مان گرفتار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عراقي فيملي کي قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ ۽ ڀنگ گهرڻ جي معاملي تي عراقي سفارتخاني جي درخواست تي جوابدار مصطفيٰ خان کي گرفتار ڪيو ويو.
عراقي سفارتخاني طرفان پوليس کي درخواست ڪئي وئي هئي ته هڪ عراقي فيملي کي قتل جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ انهن کان ڀنگ گهريو پيو وڃي، جنهن تي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي پشاور ۾ ڪارروائي ڪندي پاڪ – افغان بارڊر وٽان جوابدار مصطفيٰ خان کي گرفتار ڪيو، جيڪو پشاور جو رهواسي آهي ۽ ٻاهرئين ملڪ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
سائبر ڪرائم ايجنسي موجب جوابدار عراقي فيملي جا اڪائونٽ هيڪ ڪيا هئا ۽ پرسنل ڊيٽا چورائي هئي، جنهن کانپوءِ هن ڀنگ گهريو ۽ مطالبو پورو نه ڪرڻ تي قتل ۽ ذاتي ڊيٽا پبلڪ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.
جوابدار عراقي فيملي جي هڪ ٻارڙيءَ جي نالي تي جعلي اڪائونٽ ٺاهي ڪجهه پرسنل ڊيٽا پبلڪ به ڪئي هئي، سائبر ايجنسي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.