تهران (ويب ڊيسڪ) ايران عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي سان سهڪار ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ايران اهو قدم گڏيل قومن ۾ پابندين بابت ٺهراءَ کانپوءِ کنيو آهي.
ايراني سيڪيورٽي ڪائونسل موجب يورپي ملڪن جي پابندين سبب عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي سان سهڪار ختم ڪيو ويندو.
ايراني صدر مسعود پزشڪيان به چيو ته ايران ٻيهر پابندين جي صورتحال جو مقابلو ڪري سگهي ٿو، اسان جي جوهري اثاثن کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو پر اسان کي روڪي نٿو سگهجي، ايران ڪڏهن به حد کان وڌيل مطالبن سامهون گوڏا نه کوڙيندو، ايران وٽ حالتون تبديل ڪرڻ جي طاقت آهي.
You might also like