ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي جي حل بنا دنيا جو امن اڻپورو آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته فلسطين ۽ والاريل ڪشمير جا مسئلا حل ڪرڻ بنا دنيا جو امن اڻپورو آهي.
امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته عالمي امن جو ڏينهن رڳو جنگ نه ڪرڻ جو ڏينهن ناهي، انصاف ۽ برابري کي هٿي ڏيڻ جو به ڏينهن آهي، پاڪستان علائقائي ۽ عالمي امن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته پاڪستان جا عالمي قوتن سان متوازن لاڳاپا آهن ۽ عالمي برادري پاڪستان کي مسئلن جي حل ۾ ڀائيوار تسليم ڪري ٿي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان سدائين عالمي امن ۽ انصاف لاءِ آواز اٿاريو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو عالمي امن لاءِ جرئتمنداڻو ڪردار ادا ڪيو.
صدر چيو ته گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پاڪستان جون ڊگهيون خدمتون آهن، دنيا هٿيارن بدران مڪالمي ۽ سهاڪر کي ترجيح ڏئي، پاڪستان پرامن، انصاف تي ٻڌل ۽ پائيدار دنيا لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.