محسن نقوي وزيراعظم نٿو بڻجي سگهي/شهبازشريف جهڙو طاقتور وزيراعظم ڪو به ناهي رهيو: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد/فيصل آباد (عوامي آواز نيوز) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُالله خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب معاهدو مسلمان امت جو خواب هو، سعودي عرب معاشي ۽ پاڪستان ايٽمي طاقت آهي، جڏهن اهي ٻئي طاقتون گڏجن ٿيون تهسپر پاور جي طور تي سامهون اچن ٿيون. هن چيو ته هي معاهدو اسلامي دنيا لاءِ سٺو سنوڻ ۽ حوصلي جو سبب آهي، معاهدي ۾ دفاعي پيداوار وڌائڻ بابت به پيرا شامل آهي، معاهدي جا لفظ آهن ته پاڪستان تي حملو سعودي عرب ۽ سعودي تي حملو پاڪستان تي تصور ٿيندو، فخر جي ڳالهه آهي جو ٻيا ملڪ دفاع لاءِ پاڪستان ڏانهن ڏسي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته آمريڪا کي اعتراض بدران سک جو ساهه کڻڻ گهرجي ڇو ته معاهدو پاڪستان سان ٿيو آهي، اهو چين سان به ٿي سگهي پيو، چين سان ٿئي ها ته سندس لاءِ وڌيڪ مسئلا ٿين ها، هن معاهدي سان جنهن کي پريشاني ٿيندي اهو رڳو ڀارت آهي، ڀارت هاڻي جنگ جو خواب ڇڏي ڏئي ۽ ڳالهيون ڪري، ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ هاڻي ڀارت جي ضرورت بڻجي ويندو، پاڪستان جو موقف هو ته اسان جارحيت نه پيا ڪريو، ڀارت حملو ڪيو ته جواب ڏنو ويندو، پاڪستان معرڪه حق ۾ ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو جيڪو دنيا ڏٺو. هن چيو ته پاڪستان کي اندروني محاذ تي ٺيڪ ڪرڻ به اسان سڀني جو ڪم آهي. گڏجي معاملن کي حل ڪرڻو آهي. ميثاقِ استحڪام پاڪستان ڪرڻ جي ڳالهه وزيراعظم چئي چڪو آهي. سعودي عرب اهو اسان سان ڪري ورتو، هاڻي اسان کي پاڻ ۾ ڪرڻو آهي، نه ڪري سگهياسين ته اها بدقسمتي هوندي. ڪو اتفاق نٿو ڪري ته ان کي پڪڙي ٻئي پاسي ڪرڻ گهرجي. اتفاق راءِ سان نه ته اڪثريت سان ميثاق پاڪستان تي گڏجڻ گهرجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي وري وري چيو ويو هو ته معافي وٺو معاملا ٺيڪ ڪريو. پي ٽي آءِ وارن جون اسٽينڊنگ ڪميٽين تان استعيفائون منظور نٿا ڪرائڻ چاهيون، کين جمهوري طريقي سان پنهنجي جدوجهد اڳتي وڌائڻ گهرجي. جمهوريت ۾ ڳالهيون ٿينديون آهن، عمران خان شايد جمهوري رويي تي يقين نٿو رکي. هن چيو ته عسڪري ۽ سياسي قوتون آئين ۽ قانون موجب احترام سان اڳتي وڌن ۽ فيصلا اتفاق سان ڪن ته ان ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي؟ جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته پاڪستان جيڪي ڪاميابيون ماڻي رهيو آهي ائين نه ٿئي ها. اهو سڀ ڪجهه نواز شريف جي رهنمائي ۾ ٿي رهيو آهي. جيترو وزيراعظم شهباز شريف طاقتور آهي ايترو ڪو وزيراعظم طاقتور ناهي رهيو. هو جيڪو فيصلو ڪندو آهي، ٻئي پاسي ان تي ڳالهه تي اتفاق ٿيندو آهي. هن پنهنجي گهرو وزير بڻجڻ جي ترديد ڪئي ۽ چيو ته محسن نقوي ٺيڪ ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪا وقتي گهرج آهي ان ۾ محسن نقوي ئي ٺيڪ آهي، هاڻي گهرو وزير محسن نقوي جي وزيراعظم بڻجڻ وارو وقت ناهي، گهڻو پاڻي پلين هيٺان وهي ويو آهي، جيڪي ڪاميابيون وزيراعظم شهباز شريف ماڻيون آهن، هاڻي ان مقام تائين پهچڻ ڏکيو آهي، نه رڳو وزيراعظم شهباز شريف مدو پورو ڪندو پر ٻيو مدو به شروع ڪندو،هوڏانهن فيصل آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته سعودي عرب تي حملي جا ارادا رکندڙ ياد رکن ته پاڪستان جو جواب ڪهڙو جواب هوندو؟دنيا جي وڏي معاشي طاقت سعودي عرب پاڪستان سان معاهدو ڪيو،ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟ پاڪستان عسڪري قوت آهي جڏهن ته سعودي عرب معاشي قوت آهي،جڏهن معاشي ۽ فوجي طاقت ملندي آهي ته سپر پاور سڏيو ويندو آهي، هن چيو ته ڀارت سوچي وٺي ته اهو ڳالهيون چاهي ٿو يا وڌيڪ خوار ٿيڻ چاهي ٿو؟ دفاعي ۽ معاشي ڪاميابين پاڪستان کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو اهل بڻائي ڇڏيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.