اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا انفلوئنسر ثنا يوسف قتل ڪيس ۾ جوابدار عمر حيات تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ ثنا يوسف قتل ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج محمد افضل مجوڪا ڪئي.
جج جوابدار کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ثنا يوسف کي قتل ڪيو آهي، ڇا ٿا چئو؟ جنهن تي جوابدار ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اهو سڀ ڪوڙ آهي.
جج وڌيڪ پڇاڻو ڪيو ته توهان تي الزام آهي ته توهان ثنا يوسف کان موبائل به کسي، جنهن تي جوابدار چيو ته لڳايل سمورا الزام ڪوڙا آهن.
عدالت عمر حيات تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ کانپوءِ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 25 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته جوابدار خلاف سنبل ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل آهي.
You might also like