اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت جي ترجمان گرين لائن منصوبي جو ڪم بند ٿيڻ بابت وضاحت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جي ميئر کي ٺيڪيدار جي اين او سي تي خدشا آهن.
بيرسٽر راجا انصاري چيو ته ڪراچي وارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا، وفاق گرين لائن منصوبي جي واڌ لاءِ رقم فراهم ڪري ڇڏي، منصوبي بابت وفاق ۽ سنڌ حڪومت سان رابطي ۾ آهيون، جڏهن ته وفاق مڪاني حڪومت ۽ ميئر سان ڪوآرڊينيشن ناهن ڪندو.
هن چيو ته وفاق سنڌ حڪومت سان سهڪار ڪري منصوبو تيزي سان مڪمل ڪيو، گرين لائن جي واڌ جو ڪم به شروع ٿي چڪو هو، حقيقت ۾ مسئلو ميئر ۽ ٺيڪيدار وچ ۾ آهي، وفاق پنهنجي ذميواري پوري ڪري ڇڏي آهي.
You might also like