ايشيا ڪپ: سُپر فور ۾ سٺو کيڏنداسين، پاڪستاني رانديگرن جي مئنيجمينٽ کي خاطري

دبئي(ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ سُپر فور مرحلي ۾ پاڪ-ڀارت ٽاڪري کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اهم گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ رانديگرن بيٽنگ ۾ ناڪاميءَ جو اعتراف ڪيو.
ذريعن موجب، پاڪستاني ٽيم جي گڏجاڻي ۾ هر رانديگر پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ بيٽنگ ۾ ناڪامي جو اعتراف پڻ ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رانديگرن اِها ڳالهه مڃي ته اسٽرائيڪ روٽيٽ ڪرڻ ضروري آهي جڏهن ته بالرن تسليم ڪيو ته بيٽرز لاءِ ڪنڊيشنز ٿوري ڏُکي آهي.
ذريعن موجب، ڪرڪيٽرن ٽيم مئنيجمينٽ کي پَڪ ڏياري ته سپر فور مرحلي ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا، جڏهن ته ڪوچ مائيڪ هيسن ٽيم تي مڪمل اعتما جو اظهار ڪيو.
واضح رهي ته ايشيا ڪپ دوران پاڪستان کي ٽن مان ٻن ميچن ۾ ڪاميابي جڏهن ته ڀارت خلاف ان کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، ٽورنامينٽ دوران پاڪستاني بيٽرز ذڪر جوڳي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.