ڪراچي: زيادتي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي عدالتي احاطي ۾ متاثر ٻارڙيءَ جي ماءُ جو ڪٽڪو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻارن جي زيادتي جي جوابدار کي ڪراچي جي عدالت ۾ هڪ متاثر ٻارڙيءَ جي ماءُ ڪٽڪو ڏنو.
ڪراچي جي علائقي قيوم آباد ۾ ٻارن سان زيادتي جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي پوليس اعترافي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ جڊيشل ميجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو.
عدالتي ذريعن موجب جوابدار جو اعترافي بيان رڪارڊ ڪندڙ جج جي طبعيت ناساز ٿي وئي، جنهن سبب ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو ويو.
ان ئي دوران عدالتي احاطي ۾ هڪ متاثر ٻارڙي جي ماءُ جوابدار تي تشدد شروع ڪري ڇڏيو ۽ اتي ايندڙ ٻين فريادين به جوابدار کي ڪٽڪو ڏنو.
عدالت ۾ تشدد سان جوابدار جي حالت بگڙي وئي، جنهن کانپوءِ پوليس ان کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.