نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا جي اينڪر پرسن پالڪي شرما اعتراف ڪيو آهي ته ڀارت مئي جي جنگ کان پوءِ بيانيي جي جنگ به هارائي ويو هو.
هڪ تقريب ۾ ڏنل انٽرويوءَ دوران ڀارتي اينڪر پرسن پالڪي شرما چيو ته ڀارت کي اهو سبق سکڻو پوندو ته اسان وٽ ٽيلنٽ آهي، پئسو به آهي، پر ويزن جي سخت کوٽ آهي.
پالڪي شرما اعتراف ڪيو ته ڀارت مئي جي جنگ کان پوءِ بيانيي جي جنگ به هارائي ويو هو.
ڀارتي اينڪر جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ جڏهن به اسان حڪمت عملي تي ڳالهائيندا آهيون ته اسان جي سوچ سرحد ۽ ڊپلوميسي تي اچي بيهندي آهي، پر اسان ميڊيا بابت نٿا سوچيون، ان جي ابتڙ سڄي دنيا ۾ ميڊيا کي هڪ حڪمت عملي واري ذريعي طور قبول ڪيو پيو وڃي.
You might also like