لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته ڪنهن به گروهه، فرد يا جٿي کي جهاد جو اعلان ڪرڻ جو حق ناهي، جيڪو ماڻهو جهاد جو شوق رکي ٿو اهو فوج ۾ شاملا ٿئي.
لاهور ۾ هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي طاهر محمود اشرفي چيو ته اسان کي مذهبي رواداري جو ثبوت ڏيندي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو پوندو، اسلام ۾ غيرمسلم جي جان ۽ مال جي تحفظ کي به اهميت ڏني وئي آهي.
هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي پاڻ کان ڪيئي ڀيرا وڏي دشمن ڀارت تي سرسي ڏني آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي معاهدو وڏي اهميت رکي ٿو ۽ حرمين شريفين جي حفاظت اسان لاءِ وڏو اعزاز آهي.
سندس چوڻ هو ته اڄڪلهه جهاد جو مطلب عجيب بڻايو ويو آهي، ڪنهن به گروهه، فرد يا جٿي کي جهاد جو اعلان ڪرڻ جو حق ناهي، جيڪو شخص جهاد جو شوق رکي ٿو اهو فوج ۾ شموليت اختيار ڪري.
حافظ طاهر محمود اشرفي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي ڪير به هراسان نٿو ڪري سگهي، ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، ملڪ ۾ اقليتن جا به مسلمانن جيان برابر حق آهن، اسان پيغامِ پاڪستان کي عملي جامو پهرائڻ چاهيون ٿا.
You might also like