دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ۾ ڀارت خلاف 21 سيپٽمبر تي ٿيندڙ اهم ميچ کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سائڪالاجسٽ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن.
پي سي بي ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ اسپورٽس سائڪالاجسٽ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر راحيل پاڪستان ٽيم کي اسپورٽس سائڪالاجسٽ بطور جوائن ڪري ورتو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايشيا ڪپ جي سُپر فور جي ميچ سڀاڻي دبئي جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
ذريعن موجب، ڀارت خلاف ميچ کان اڳ دبئي ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هڪ اهم گڏجاڻي پڻ ٿي، جنهن ۾ قومي رانديگرن مئنيجمينٽ کي ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ بهترين ڪارڪردگي جي پَڪ ڏياري، جڏهن ته هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن رانديگرن تي اعتماد جو اظهار ڪيو.
ايشيا ڪپ: ڀارت خلاف وڏي ٽاڪري کان اڳ پاڪستاني ٽيم لاءِ نفسياتي ماهر جون خدمتون حاصل ڪيون ويون
You might also like