ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٿيل دفاعي معاهدي سان جتي هڪ پاسي اسلامي ملڪن ۾ خوشيءَ جو موقعو آهي، اتي ڀارت ۽ اسرائيل جي طرفان ان معاهدي کي پنهنجي لاءِ مستقبل جو خطرو قرار ڏنو پيو وڃي.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٿيل معاهدي کي نيٽو ۾ شامل ملڪن جي وچ ۾ ٿيل معاهدي جهڙو قرار ڏنو پيو وڃي، هن معاهدي کي نيٽو جهڙو معاهدو ڇو چيو پيو وڃي ۽ ڇا پاڪ سعودي معاهدي کي نيٽو سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي؟
سينيئر تجزيي نگار حامد مير ان ڏس ۾ پنهنجي يوٽيوب چئنل تي هڪ تفصيلي وڊيو شيئر ڪندي ان معاهدي جا سبب بيان ڪيا آهن، جيڪي هيٺين ريت آهن.
نيٽو ملڪن جو معاهدو
نيٽو ۾ آمريڪا سميت 32 يورپي ملڪ شامل آهن، نيٽو جي معاهدي تي نظر ڊوڙائڻ ۽ خاص طور تي ان جي آرٽيڪل 5 کي ڏسجي ته ان ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته جيڪڏهن ڪنهن هڪ نيٽو ملڪ تي حملو ٿيندو ته ان کي سڀني نيٽو ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو ۽ نيٽو ۾ شامل هڙئي ملڪ گڏجي ان حملي جو جواب ڏيندا.
پاڪ سعودي دفاعي معاهدو
جيڪڏهن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٿيل معاهدي تي نظر وجهجي ته ان ۾ به نيٽو معاهدي جي آرٽيڪل 5 واري ڳالهه ٿوري مختلف لفظن ۾ موجود آهي، يعني جيڪڏهن پاڪستان ۽ سعودي عرب مان ڪنهن هڪ ملڪ تي حملو ٿيندو ته اهو ٻنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو.
ان معاهدي ۾ في الحال رڳو ٻه ملڪ شامل آهن پر ايندڙ ڏينهن ۾ ان معاهدي ۾ وڌيڪ ملڪ شامل ٿيندا، عام خيال اهو آهي ته ان معاهدي ۾ ڪجهه نار وارا ملڪ شامل ٿيندا، يقينن ان ۾ ڪجهه خليجي ملڪ شامل ٿيندا، خاص طور تي 2 عرب ملڪ هن معاهدي ۾ شامل ٿيڻ وارا آهن ۽ ان حوالي سان پردي پٺيان ڳالهه ٻولهه آخري مرحلي ۾ آهي.
امڪان آهي ته ان معاهدي ۾ ڪجهه اهڙا ملڪ به شامل ٿي سگهن ٿا جيڪي اسلامي ملڪ ته آهن پر نار وارن ملڪن يا وچ اوڀر سان لاڳاپيل ناهن.
پاڪستان ۽ سعودي عرب کي ان معاهدي جي ضرورت ڇو هئي؟
پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت آهي ته پوءِ ان کي ڇو ضرورت پئي ته هو هڪ عرب ملڪ سان دفاعي معاهدو ڪري يا سعودي عرب جيڪو دنيا جي امير ترين ملڪن ۾ شامل آهي ان کي ڇو ضرورت پئي ته هو پاڪستان سان معاهدو ڪري؟
انهن سوالن جواب لاءِ جيڪڏهن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي سهڪار جي تاريخ تي نظر وجهجي تي پتو پوي ٿو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي سهڪار 1969 کان هلي رهيو آهي، 1969 کان پاڪستاني ائير فورس جا اهلڪار سعودي عرب جا جهاز اڏائي رهيا آهن ۽ سعودي عرب جي فضائي حدن جو تحفظ ڪري رهيا آهن.
مڪي ۾ 1979 ۾ هڪ واقعو پيش آيو جڏهن ڪجهه ” شرپسندن “ حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ خانه ڪعبه ۾ رتوڇاڻ ٿي، هڪ شخص طرفان امام مهدي هجڻ جو دعويٰ ڪئي وئي ۽ ان جي پيروڪارن طرفان مڪي ۾ هنگامي حالتون پيدا ڪيون ويون، انهن ماڻهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سعودي حڪومت پاڪستان جي ايس ايس جي ڪمانڊوز جون خدمتون حاصل ڪيون.
پاڪستاني ڪمانڊوز ڪجهه ٻين ملڪن جي فورسز سان گڏجي هڪ وڏو آپريشن ڪيو جنهن ۾ ڪيترائي شرپسند مارجي ويا ۽ ڪجهه گرفتار ڪيا ويا، ان واقعي کانپوءِ پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪٻئي جي وڌيڪ ويجهو ٿيا.
ان کانپوءِ اسي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن عراق ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ ٿي ته عراق طرفان سعودي عرب سميت ڪجهه عرب ملڪن لاءِ ڪجهه خطرا پيدا ٿيا ته ان دوران 1982 کان 1987 تائين پاڪستان جا گهٽ ۾ گهٽ 20 هزار فوجي سعودي عرب جي سرحدن تي مقرر رهيا.
اهو ئي نه پر پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۽ پي اي ايف رسالپور ۾ سعودي ڪيڊٽس کي سالن کان ٽريننگ ڏني پئي وڃي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي سهڪار ته سالن کان هلي رهو هو هاڻي ان کي عملي شڪل ڏني وئي آهي.
پاڪستانين جو حرمين شريفين سان عقيدت ۽ احترام جو هڪ تمام گهرو لاڳاپو آهي ۽ جيڪڏهن حرمين شريفين تي خدا نه ڪري حملو ٿيندو ته ان لاءِ سعودي عرب کي پاڪستان کان چوڻ جي ضرورت نه پوندي پر پاڪستان پاڻ کي انهن مقدس هنڌن جي حفاظت لاءِ پيش ڪري ڇڏيندو.
دفاعي معاهدو ڪرڻ جي ضرورت ڇو پئي؟
جيڪڏهن عالمي ميڊيا کي مانيٽر ڪيو وڃي ته اتي ان حوالي سان جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون آهن انهن موجب 9 سيپٽمبر 2025 تي اسرائيل قطر تي جيڪو حملو ڪيو ان کان پوءِ دوحا ۾ هڪ هنگامي اجلاس گهرايو ويو ۽ ان اجلاس ۾ اسلامي ملڪن گريٽر اسرائيل منصوبي جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪئي.
گريٽر اسرائيل منصوبو ڀارت جي اکنڊ ڀارت منصوبي جهڙو ئي منصوبو آهي، جيئن ڀارت جا انتها پسند هندو چون ٿا ته هو پاڪستان، بنگلاديش، سريلنڪا، نيپال، برما، مالديپ ۽ ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن کي ڀارت ۾ شامل ڪندا.
اکنڊ ڀارت جيان ڪيترائي انتها پسند صهيوني به مختلف عرب ملڪن کي اسرائيل ۾ شامل ڪري گريٽر اسرائيل ٺاهڻ جو ارادو رکن ٿا ۽ ان جو باظابطا نقشو به موجود آهي. جنهن تحت نيتن ياھُو سميت انتها پسند صهيوني چاهين ٿا ته غزا، اردن درياهه جو اولهه وارو ڪنارو ۽ ٻين ڪيترن ئي وسندين کي اسرائيل ۾ شامل ڪيو وڃي، شام جا ڪيئي علائقا، اردن، لبنان کانسواءِ عراق ۽ مصر جا به ڪجهه علائقا گريٽر اسرائيل ۾ شامل ڪيا وڃن.
ڳالهه اتي ئي ختم نٿي ٿئي ڪجهه نقشن ۾ سعودي عرب جا به ڪجهه علائقا شامل ڪرڻ جو منصوبو آهي، اولهه جي مختلف يونيورسٽين ۾ ان منصوبي تي تحقيق پڻ ٿي آهي جنهن ۾ پتو پيو ته اصل نقشو عام ناهي ڪيو ويو پر ان ۾ مدينو شريف به شامل آهي.
اسرائيل جي قطر تي حملي کانپوءِ عرب ملڪن کي اهو محسوس ٿيو ته آمريڪا جي فوجي اڏن باوجود آمريڪا سندن مدد نٿو ڪري، ڇو ته آمريڪا کي اڳ ۾ اطلاع ڏنو ويو هو پر هن اسرائيل کي نه روڪيو.
اهو ئي ڪارڻ آهي جو هاڻي عرب ملڪ پنهنجي سيڪيورٽي لاءِ پاڪستان ڏانهن واجهائي رهيا آهن ۽ سعودي عرب سان ٿيل دفاعي معاهدو به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.
ايندڙ ڏينهن ۾ ان معاهدي ۾ وڌيڪ ملڪ به شامل ٿيندا، ممڪن آهي ته اهي ملڪ به شامل ٿين جيڪي صهيونين جي گريٽر اسرائيل منصوبي ۾ شامل آهن.
پاڪستان کي ڪهڙو فائدو آهي؟
هڪ اهم سوال آهي ته هن دفاعي معاهدي سان سعودي عرب ته پنهنجون سرحدون محفوظ ڪرڻ ٿو چاهي پر پاڪستان کي ڇا فائدو ٿيندو؟
ان کان اڳ پاڪستان سعودي حڪام سان ويهي ڳالهايو، جنهن ۾ پاڪستاني اختيارين چيو ته اسان کي ڀارت ۽ اسرائيل جي ڳٺ جوڙ خلاف سعودي عرب جي حمايت کپي.
هاڻي معاملو ائين آهي جو سعودي عرب کي خطرو اسرائيل کان آهي ۽ پاڪستان کي خطرو ڀارت کان ۽ ڀارت جو اهم اتحادي اسرائيل آهي، تنهنڪري اسرائيل رڳو عرب ملڪن لاءِ نه پر پاڪستان لاءِ به خطرو آهي.
پاڪستان وٽ اطلاع آهي ته ڀارت جي هندو انتها پسند حڪومت پاڪستان تي هڪ ٻيهر حملو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ جڏهن به ڀارت پاڪستان تي حملو ڪندو ته اسرائيل ان کي سپورٽ ڪندو.
ياد رهي ته اسرائيل ماضي ۾ ڪيئي ڀيرا پاڪستان جي نيوڪليئر پروگرام کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري چڪو آهي. جڏهن اسرائيل عراق جي ايٽمي ٿاڪن تي حملو ڪيو هو ته ان وقت هو پاڪستان جي ايٽمي پروگرامن کي به نشانو بڻائڻ چاهي پيو ، ڇو ته پاڪستان 1967 ۽ 1973 جي عرب اسرائيل جنگ ۾ عرب ملڪن کي ائير فورس ذريعي پروٽيڪشن ڏني هئي.
پاڪستاني ائير فورس جي جهازن اسرائيلي جهازن کي تباهه ڪيو، بنهه اهڙي طرح جيئن پاڪستان مئي 2025 ۾ ڀارت جا ڪيترائي جهاز ڪِيرايا، تنهنڪري اسرائيل پاڪستان کي پنهنجي لاءِ خطرو ٿو سمجهي.
پاڪستاني اختيارين سعودي عرب سان اها ڳالهه شيئر ڪئي ته اسان کي ڀارت اوهان کي اسرائيل طرفان خطرو آهي، تنهنڪري ٻنهي ملڪن جو هڪ ٻئي سان معاهدو ڪرڻ ضروري آهي ڇو ته اِها ٻنهي ملڪن جي ضرورت آهي.